وينا شرنگي

وينا شرنگي

وينا شرنگي

وينا شرنگي: آل انڊيا ريڊيو جي نامور براڊڪاسٽر ۽ سنڌي ليکڪا، وينا شرنگيءَ جو جنم 16 فيبروري 1948ع تي شھدادڪوٽ شھر، ضلعي لاڙڪاڻي (ھاڻوڪي قنبر شھدادڪوٽ) ۾ ٿيو. سندس والد مھراج گوپي ڪرشن شرنگي 1942ع ۾ شھدادڪوٽ ميونسپالٽيءَ جو صدر، زميندار ۽ چانورن ڇڙھڻ جي ڪارخانن (سيلرن) جو مالڪ ھو. سندس والده ستي ديوي ڪراچي ۾ youth congress جي ميمبر هئي. وينا ۽ سندس ڀيڻ شالني، 1970ع کانپوءِ انڊيا وڃي آباد ٿيون. وينا پنھنجي ابتدائي تعليم سنڌ ۾ ۽ گرئجوئيشن هند مان ڪئي. عملي زندگيءَ ۾ پاڻ آل انڊيا ريڊيو، نئين دھليءَ ۾ بطور سينئر براڊڪاسٽر، پروڊيوسر ۽ ترجمي نگار رھي آھي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ‘زندگي ھڪ ناٽڪ’، ‘ڪڇان تھ ڪافر’، ‘پکا ۽ پنھوار ڏٺي مون ڏينھن ٿيا’ (1987ع)، ‘منھنجي پيشي جا گل و خار’ (1986ع)، ‘منھنجا معصوم سڄڻ’ (1989ع)، ‘اڌ کليون اکيون’ (1990ع)، ‘پاڻ سڃاڻج سپرين’ (2000ع)، ‘وايون وڻجارن جون’ (2002ع)، ‘ڪيچان آيو قافلو’ (2005ع)، ‘سارنگ سار لھيج’ (2006ع)، ‘تون ڇپر تون ڇانءَ’ (2008ع)، ‘ڪيئن وساريان ويڙھيچن’ (2009ع)، ‘مٺڙي مرڪ’ (2011ع)، ‘ماروئڙا ۽ ماڳ’ (2013ع)، ‘کيل ختم پئسا ھضم’ (2014ع)، ‘سرحدن جو صليب’ (2018ع)، ‘The Last Wish & other Stories’ (2018ع)، ‘سپون سوجهي ڪڍيون’ (2019ع)، ‘Silent Path’ ۽ ٻيا شامل آھن. ھن افساني، مضمون، نثري نظم، سفرنامي ۽ ادب جي مختلف صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آھي. آمريڪا ۽ لنڊن ۾بين الاقوامي سنڌي ڪانگريسن ۽ سيمينارن ۾ شرڪت ڪري چڪي آھي. ھند ۾ حڪومتي سطح تي جڙيل ايڇ.آر.ڊي وزارت ھيٺ ڪم ڪندڙ اداري نئشنل ڪائونسل فار پروموشن آف سنڌي لئنگئيج (NCPSL) جي ميمبر ۽ دھليءَ ۾ قائم سنڌي اڪيڊميءَ جي ايگزيڪيٽو ميمبر پڻ رھي آھي. ھند ۾ سندس ھڪ ٻي سڃاڻپ ’سنڌي صحافيءَ‘ طور بھ آھي. ايئر براڊڪاسٽر جي حيثيت ۾ هن پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم محترمھ بينظير ڀٽو ۽ پاڪ ھند جي ٻين اھم شخصيتن جا انٽرويو رڪارڊ ڪيا. ھيءَ ھندستان ۾ سنڌي وومينز موومينٽ جي سرگرم ڪارڪن ۽ ’مارئي‘ نالي سنڌي عورتن جي سماجي ثقافتي سرگرمين تي مشتمل تنظيم جي جنرل سيڪريٽري طور ڪم ڪري رھي آھي. 2014ع ۾ سندس ميزباني ھيٺ شاھھ عبداللطيف ڀٽائيءَ بابت ڪوٺايل بين الاقوامي ڪانفرنس دھليءَ ۾، سنڌ ۽ ھند جي مشھور اديبن شرڪت ڪئي. ڪانفرنس ۾ پڙھيل مقالن جو ڪتاب پڻ مرتب ڪري ڇپرايو اٿس.
سندس ادبي خدمتن جي مڃتا طور کيس ساھتيھ اڪادمي طرفان ‘life time achivement award’، دھلي سنڌي اڪادمي طرفان ‘لٽرري اوارڊ’، NCPSL طرفان ‘لٽرري اوارڊ’، جي. ايم. سيد يادگار ڪاميٽي طرفانG.M.Syed award ۽ ٻيا اوارڊ شامل آھن.ھن وقت دھلي سنڌي اڪادمي جي ادبي ڪاميٽيءَ جي ڪنوينر آھي.


لفظ وينا شرنگيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1948.02.16  عيسوي

آل انڊيا ريڊيو جي نامور براڊڪاسٽر ۽ سنڌي ليکڪا، وينا شرنگيءَ جو جنم 16 فيبروري 1948ع تي شھدادڪوٽ شھر، ضلعي لاڙڪاڻي (ھاڻوڪي قنبر شھدادڪوٽ) ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پنڊت شاناڪ سارنگ سنڌي
شفالي واسديو
ڀٽي مخدوم ابراهيم
بشير احمد
پير نور شاهه هاشمي
عبدالرزاق چانڊيو
ميان غلام محمد خان ڀرڳڙي
اربيلو فقير ڪٽپر
ڌرمپال اگروال
ايس اين ڦيرواڻي پروفيسر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون